قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ مشائخ اسٽاپ تي تيز رفتار ٽرڪ جو رڪشا کي زوردار ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ پير شاهه موري جو رھواسي 40 ورهين جو پيارو باگڙي تڏي تي فوت ٿي ويو، ڪانيا اسٽاپ پوليس ٽرڪ ڊائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ٻئي طرف لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.