روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرڻ خلاف گمبٽ، کهڙا ۽ ڊرٻ ميهر شاهه ۾ هڙتال

0
328
وهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرڻ خلاف
روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرڻ خلاف گمبٽ، کهڙا ۽ ڊرٻ ميهر شاهه ۾ هڙتال

ڪراچي(نمائندن وٽان) روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرڻ خلاف ٽن شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

پاڻي ڪميٽي جي سڏ تي گمبٽ، کهڙا ۽ ڊرٻ ميهر شاهه ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪيو ويو
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرڻ سان گمبٽ ۽ راڻيپور جا شهر پاڻي ۾ ٻڏي سگهن ٿا

هنن چيو ته جيستائين سم نالن سميت 13 ڪٽ بند نه ٿيندا، مسئلو حل نه ٿيندو، آبپاشي کاتو شهر ٻوڙائڻ چاهي ٿو، پر ڪنهن به صورت ۾ اهڙي سازش برداشت نه ڪبي
پاڻي ڪميٽي طرفان مسئلو حل نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ ۾ لاٿ، جهانگارا باجارا شهرن جو زميني رابطو بحال