روهڙي (ن پ ا ) روهڙيءَ ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ موٽر وي انٽر چينج موڙ ڀرسان گيس سلينڊرن جي دڪان ۾ زوردار ڌماڪي سان سلينڊر ڦاٽڻ سبب دڪان کي اوچتو باھ لڳي وئي، ڌماڪي بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، فائر برگيڊ عملي موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آندو. زرودار ڌماڪي باوجود جاني نقصان کان بچاءُ ٿي ويو. روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد موٽر وي انٽر چينج موڙ ڀرسان دڪاندار محمد حسين ابڙو جي سلينڊرن جي دڪان کي باھ لڳي وئي، ان دوران هڪ ٻئي پٺيان سلينڊرن جا 3 زور ڌماڪا ٿيڻ سبب علائقي واسين ۽ مسافرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڌماڪن سبب دڪان جي ڇت اڏامي وئي ۽ ڀتيون ڊهي پيون. واقعي جي اطلاع تي سکر فائير برگيڊ عملي واقعي واري هنڌ پهچي وڏي ڪوشش بعد باھ وسائي ورتي. دڪان مالڪ موجب سلينڊر ڦاٽڻ واري واقعي ۾ جاني نقصان کان بچاءَ ٿي ويو. جڏهن ته دڪان ۾ پيل گيس سلينڊر، جمبو رڪشا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. ھوڏانھن علائقي واسين موجب گيس سلينڊر ناڪارا ھجڻ ڪري ڄاڻايل واقعو پيش آيو آهي.