پنگريو (ن پ ا ) پنگريو ڀرسان سمن سرڪار روڊ تي 4 آر سم نالي تي 12سال اڳ تعمير پل  جا مختلف حصا ڪري پيا آھن، جنھن ڪري پنج ضلعن بدين ميرپورخاص عمرڪوٽ ٿرپارڪر ۽ ٽنڊوآلھيار کي پنگريو واري پاسي کان ڳريون گاڏيون ۽ ڪراچي کان جھڏو وايا پنگريو اي سي ڪوچ سروس بسن جي اچ وڃ متاثر آهي ۽ گاڏيون گذرڻ سبب ڪنھن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگھي ٿو. جڏهن ته لاڙ جي لعل سيد سمن سرڪار جو ساليانو عرس مبارڪ ۽ ميلو به 10نومبر کان شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ پل تان ھزارين ننڍيون وڏيون گاڏيون گذري ميلي ۾ داخل ٿينديو جنھن ڪري وڏو حاثو پيش اچڻ جو امڪان ٿي سگھي ٿوهتان جي رهواسين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جلد پل جي مرمت ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.