ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ  جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ريشم گلي شاھي بازار ميھڙ مان شھري مظفر جھتيال جي موٽر سائيڪل چوري ڪندي مبينہ چاٻي چور کي شھرين سوگھو ڪري ورتو. اتي موجود مڇريل ماڻھن پاران سوگھو ڪيل چور کي سخت مارڪٽ ڪئي اطلاع تي ون فاء انچارج منظور منگي پوليس اھلڪارن سان گڏ واقعي واري ھنڌ پھچي سوگھو ڪيل چاٻي چور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي. سوگھو ڪيل چور جي سڃاڻپ نھ ٿي سگھي، پوليس حراست ۾ ورتل چاٻي چور کي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي ميھڙ پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي بروقت پھچي چاٻي چور کي گرفتار ڪري ورتو آھي واقعي بابت وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون.