مٽياري (رپورٽر) مٽياري جي مسجد ۾ کٿابي سان بدفعلي ثابت، جوابدار کي 3 سال ٽيپ ٻڌائي وئي آهي. ان ڏس ۾  مٽياري ڀرسان کٿابي ننيگر سان مسجد اندر ڏاڍائي ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار کي 3 سال ٽيپ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سول جج اينڊ مئجسٽريٽ ٿري جي عدالت ۾ مٽياري ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس ٻڌڻي ٿي جنهن دوران جوابدار نظام الدين لڙڪو مٿان کٿابي ننيگر ساجد علي پٽ عبدالرحمان چوهاڻ سان مسجد اندر ڏاڍائي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار کي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ياد رهي هڪ سال اڳ مٽياري ويجهو ڳوٺ مقميم شاهه جي مسجد ۾ پڙهندڙ ننيگر سان اهڙو واقعو پيش آيو هو،جنهن جو ڪيس ننيگر جي والد مٽياري ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو.