دادو ( رپورٽر ) دادو جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت مسمات ڪوثر ڌيء خدا بخش سولنگي جي قتل ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار نياز حسين ابڙو کي عمر قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ، مسمات ڪوثر کي 2019 ۾ ڳوٺ چوڏهن شهيدن ۾ قتل ڪيو ويو هو جنهن جو قتل ڪيس سندس پيء خدابخش سولنگي جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي 5 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو ، جن مان 3 جوابدارن  تاج محمد ، دوست محمد ، نديم ابڙو کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ڪيس مان با عزت بري ڪيو هو ۽ هڪ جوابدار ذڪريا روپوش آهي