خيرپور (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت چئن ڄڻن کي قتل ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي 8 ڀيرا عمر قيد، 17 سال قيد ۽ هڪ لک 75 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻُڌائي سينٽرل جيل خيرپور موڪلي ڇڏيو. خبر موجب خيرپور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت چئن ڄڻن کي قتل ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار غلام شبير لاشاري کي 8 ڀيرا عمر قيد، وڌيڪ 17 سال قيد ۽ هڪ لک 75 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻُڌائي سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته 8 سال اڳ خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ خانپور جوڻيجا ۾ جوابدار غلام شبير لاشاري ۽ سندس ساٿي ٻن ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي جوابدارن فائرنگ ڪري ظفر علي، علي گوهر، پنجل ۽ نظير جوڻيجو کي گوليون ھڻي قتل ڪيو هو. جڏهن ته فائرنگ ۾ ٽي ڳوٺاڻا رشيد، مومن ۽ رفيق جوڻيجو پڻ سخت زخمي ٿي پيا هئا، واقعي جو ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل هو، عدالت واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 8 ڀيرا عمر قيد، 17 سال قيد، هڪ لک 75 هزار رپيا ڏنڊ ۽ سندس سموري ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ فوتين جي وارثن کي چار چار لک رپيا ڏنڊ طور ادا ڪرڻ جي سزا ٻُڌائي. پوليس جي سخت پھري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. جوابدار ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ 21 مھينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو.