غريب سان شادي نه ڪنديس: ملائيڪا رياض کي امير گهوٽ جي ڳولا

0
51
غريب سان شادي نه ڪنديس: ملائيڪا رياض کي امير گهوٽ جي ڳولا
غريب سان شادي نه ڪنديس: ملائيڪا رياض کي امير گهوٽ جي ڳولا

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارا ملائيڪا رياض چيو آهي ته ڪنهن غريب ڇوڪري سان شادي نه ڪندس پر همسفر امير هجڻ گهرجي

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ بلاڪ بسٽر ڊرامي ياريان جي ادڪارا جو چوڻ هو ته مون کي اهڙي گهوٽ جي ڳولا آهي  جيڪو انڊسٽري ۾ رهڻ لاءِ سپورٽ ڪري سگهي

ملائيڪا رياض چيو ته گهوٽ نه صرف معاشي طور تي مضبوط هجي ان سان گڏوگڏ فيملي سان گڏ رهي ڇاڪاڻ ته آئون اڪيلي نٿي رهي سگهان

اداڪارا ٻڌايو ته ماڊلنگ جي شعبي ۾ مونکي خاص مزو ناهي آيو، انڪري ڊراما انڊسٽري ۾ داخل ٿيس. هن چيو ته پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪرڻ تي افسوس آهي ۽ هاڻي مان ڪنهن سان به رليشن شپ ۾ ناهيان