ماسڪو (م ڊ) يوڪرين ۾ روسي جارحيت  خلاف روس جي سفير عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، يوڪرين ۾ روسي اڳرائيءَ خلاف روس جي سفير عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب جنيوا ۾ گڏيل قومن روس جي سفير يوڪرين ۾ روسي جارحيت تي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. روسي سفير صدر پيوٽن طرفان يوڪرين تي جارحيت جي نتيجي ۾ غيرملڪي ساٿين جي سخت تنقيد کي پنهنجي استعيفا جو سبب ڄاڻايو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب بورس بونڊارو گڏيل قومن ۾ روس جي مستقل مشن ۾ چانسلر طور مقرر هو . پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي بورس جو چوڻ هو ته هن سومر واري ڏينهن مشن ۾ وڃي صرف استعيفا جمع ڪرائي ۽ ٻاهر نڪري آيس. ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن روسي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي ۽ روسي گهرو وزارت کي تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو هو. هن چيو ته پنهنجي 20 ورهين جي سفارتي ڪيريئر ۾ پرڏيهي پاليسي ۾ ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا پر روس 24 فيبروري واري ڏينهن جيڪو ڪجهه ڪيو اهڙو ڪڌو عمل ناهي ڏٺو.

ڪيف (م ڊ) يوڪرين جي ملٽري انٽيليجنس  جي سربراهه دعويٰ ڪئي آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي قاتلاڻو حملو ٿيو هو، جنهن ۾ هو محفوظ رهيو. هڪ يوڪريني آن لائن اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ يوڪرين جي ملٽري انٽيليجنس جي سربراهه ڪيريلو بڊانوف چيو ته يوڪرين حملي جي شروعات ۾ پيوٽن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. هن چيو ته اها ناڪام ڪوشش هئي، اها تقريبن ٻه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي، آئون وري ورجايان ٿو ته اها ڪوشش ناڪام رهي، ان واقعي جي مشهوري نه ڪئي وئي پر اهو واقعو پيش آيو. ان اخبار جو چوڻ آهي ته اهي ڳالهيون هڪ ڊگهي انٽرويو جو حصو آهن، جيڪو جلد شايع ڪيو ويندو. آن لائن اخبار موجب ماضي ۾ به بڊانوف ڪيترائي ڀيرا پيوٽن کي خطرن جي اڻ تصديق ٿيل ڄاڻ پکيڙي آهي ۽ پنهنجي تازي دعويٰ بابت به هن ڪي ثبوت فراهم ناهن ڪيا.