ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ يارهين ڪلاس ۾ فيل ٿيڻ تي  20 سالا نوجوان شاگرد مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، ريلوي ڪالوني ڪوٽڙي جي رهواسي نوجوان فيضان شاھ ڪوٽڙي ڦاٽڪ جي  اوور هيڊ برج تان هيٺ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، اوور هيڊ برج تي چيڪنگ ڪندڙ رينجرز اهلڪارن ۽ اکين ڏٺن شاهدن موجب نوجوان پل تان ٽپو ڏئي هيٺ ڪريو ۽ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، رينجرز اهلڪارن لاش اسپتال پهچايو. بعد ۾ ايس يچ او سائيٽ ڪوٽڙي خير محمد ملاح ٻڌايو ته نوجوان فيضان شاھ يارهين ڪلاس ۾ فيل ٿيڻ تي مايوس ٿي خودڪشي ڪئي آهي. ايس ايچ او سائيٽ ڪوٽڙي اهڙي دعوي’ ڪندي چيو  ته شروعاتي معلومات موجب فوتي شاگرد  جي کيسي مان مليل مارڪ شيٽ ۾ هو ڇهن مان چئن سبجيڪٽس ۾ فيل ٿيل آهي. ايس ايچ او سائيٽ ڪوٽڙي خير محمد ملاح موجب فوتي شاگرد جي کيسي مان يارهين ڪلاس جي مارڪ شيٽ، انرولمينٽ ڪارڊ ۽ شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ملي آهي. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندس امڙ بي هوش ٿي وئي، سندس امڙ جي حالت خراب ججڻ سبب هوء آخري اطلاعن تائين ڪوبه موقف ڏئي نه سگهي، معلوم ٿيو آهي ته فوتي جو ڀاء ريلوي ۾ ملازم آهي جنهن سان رابطو نه ٿي سگهيو هيو، جڏهن ته سندس مامو ڪراچي ۾ رهندڙ آهي. پوليس موجب خودڪشي جو ڪارڻ يارهين ڪلاس ۾ فيل ٿيڻ لڳي رهيو آهي تنهن هوندي به وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. مبينا خودڪشي ڪندڙ فيضان شاھ جي ڀاء ڪراچي مان پهچي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڀاء فيضان مايوس ڪونه هو، هن اڃان ڪالھ ئي ڊوميسائل پي آر سي ٺهرائڻ لاء بينڪ ۾ چالان پياريو هو، امتحان ۾ فيل ضرور ٿيو هو پر ان تي پريشان ڪونه هو، ڀاء جي وڇوڙي تي امڙ ذهني توازن وڃائي ويٺي آهي.