ميرپور خاص ۾ نين تڪبندين خلاف درخواستن تي اليڪشن ڪميشن کان هفتي اندر جواب طلب

0
179
وڏي وزير جي ٻيڙي جو تيل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص ڊويزن ۾ ٿيل نين تڪبندين خلاف داخل 22 درخواستن تي اليڪشن ڪميشن کي هفتي دوران جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ميرپورخاص ڊويزن سان تعلق رکندڙ 22 شهرين خادم حسين مري، مشتاق احمد ۽ ٻين وڪيلن معرفت ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرايون آهن جن ۾ سندن موقف آهي ته اليڪشن ڪميشن بنا آدمشماري جي سندن ڳوٺ ۽ علائقا پراڻين يوسيز مان ٽوڙي نين يوسيز ۽ ٽائون ڪميٽين ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري کين ووٽ ڏيڻ سميت ٻيون بنيادي سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ سخت ڏکيائيون پيش اينديون

درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشاد علي شاهه تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران صوبائي اليڪشن ڪميشن جو نمائندو، ميرپورخاص ڊويزن جو ريجنل اليڪشن ڪمشنر ۽ وفاقي اليڪشن ڪميشن جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته تڪبنديون قانوني طريقي سان ناهن ڪيون ويون جنهن تي رهواسين کي سخت تحفظات آهن جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران اڃا تائين جواب داخل نه ڪرايو ويو آهي

اليڪشن ڪميشن جي نمائندن عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن ڪجهه درخواستن تي جواب داخل ڪرايو آهي جڏهن ته ڪجهه درخواستن تي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ کين مهلت ڏني وڃي. نمائندن پاران جمع ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽائون توڙي يونين ڪميٽين جي آبادي کي نظر ۾ رکندي نيون تڪبنديون ڪيون ويون آهن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجو جواب داخل ڪرائين