گڊو (ن پ ا ) پنجاب جي روجھاڻ جي کپڙا ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ لُنڊ گينگ جو سربراھ خدا بخش لُنڊ مارجي ويو. جڏھن ته لُنڊ گينگ ۽ عمراڻي گينگ جا ٻه جوابدار زخمي ٿيڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي وڃي پئي. پوليس موجب 3 اھلڪار زخمي ٿي پيا آھن، زخمي اھلڪارن کي روجھاڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته پوليس جو وڌيڪ چوڻ آھي ته مارجي ويل ڏوهاري خداد بخش لنڊ لنڊ گينگ جو سردار سڏيو ويندو هو ۽ ڏوهاري خداد بخش دھشت گردي، پوليس مقابلي، اغوا، قتل ۽ ٻين مختلف ڪيسن ۾ گھربل ھو.