گذريل هفتي شادي ڪندڙ اداڪار رنبير ڪپور ۽ عاليه ڀٽ کي بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور اداڪارن طرفان قيمتي تحفا ڏنا ويا

بالي ووڊ اداڪارا ڪتريف ڪيف:

ماضي ۾ رنبير ڪپور ۽ ڪترينه ڪيف جي لاڳاپن جون خبرون به خوب منظر عام تي آيو ۽ چيو پئي ويو ته ٻئي اداڪار هڪٻئي کي پسند ڪن ٿا ۽ ٻنهي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن پر ڪجهه ڏينهن بعد رنبير ۽ ڪتريف ۾ بريڪ اپ ٿي ويو

ڪترينه ڪيف عاليه ڀٽ کي پلاٽينم بريسلٽ تحفي ۾ ڏنو جنهن جي قيمت ساڍا 14 لک ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي

دپيڪا پڊوڪون:

دپيڪا پڊوڪون عاليه ۽ رنبير کي ”رسٽ واچز“ موڪليون، جن جي قيمت 15 لک ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي

پريانڪا چوپڙا:

اداڪارا پريانڪا چوپڙا عاليه ڀٽ کي ”هيرن جو هار“ تحفي ۾ ڏنو آهي، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 9 لک ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي

سڌارت ملهوترا ۽ ورن ڌون

عاليه ڀٽ سان گڏ فلم”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر“ ۾ ڊيبيو ڪندڙ سڌارت ملهوترا ۽ ورن ڌون به اداڪارا کي تحفا ڏنا آهن

سڌارت 3 لک رپين جو لگزري هينڊ بيگ، جڏهن ته ورن ڌون برانڊ گوشي سينڊلز موڪليا آهن، جيڪي لڳ ڀڳ 4 لک ڀارتي رپيا آهن