سريلنڪن شهري جو قتل: 6 جوابدارن کي موت جي سزا

0
234
سريلنڪن شهري جو قتل
سريلنڪن شهري جو قتل: 6 جوابدارن کي موت جي سزا

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سيالڪوٽ ۾ بيدردي سان قتل ٿيل سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

عدالت سريلنڪن شهري جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته 7 جوابدارن کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي آهي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت 76 جوابدارن کي 2-2 سال قيد جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڏنو آهي

3 ڊسمبر 2021ع ۾ سيالڪوٽ جي فيڪٽري ۾ مئنيجر طور ڪم ڪندڙ سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا کي مڇريل ماڻهن بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش ساڙي ڇڏيو هو