صدر عارف علوي موجوده حڪومت لاءِ ڪهڙيون ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿو؟

0
287
صدر عارف علوي موجوده حڪومت لاءِ ڪهڙيون ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿو؟

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ کانپوءِ صدر عارف علوي کي هٽائڻ توڙي شهباز حڪومت لاءِ پيش چيلينجز تي بحث شروع ٿي ويو آهي

موجوده حڪومت عمران حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ کانپوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خلاف قومي اسيمبلي ۾ گڏيل ٺهراءُ پيش ڪندي ۾ جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويندو ته صدر پنهنجون ذميواريون حلف تحت آئيني طريقي سان نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو

واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي 13 ايم اين ايز استعيفيٰ ڏني آهي، هاڻي اُن ٺهراءُ تي ٿيندڙ بحث ۾ حصو نه وٺي سگهندا، اُن ٺهراءُ ۾ جيڪو ڪجهه لکڻو يا چوڻو آهي، اُهو ايوان ۾ موجود پارٽيز جا ميمبرز کي ئي ڪرڻو آهي، جن جي صدر عارف علوي بابت راءِ ڪنهن کان لڪيل ناهي

صدر عارف علوي جو موجوده حڪومت کي پهريون سرپرائيز شهباز شريف جي وزير اعظم طور چونڊجڻ واري ڏينهن سامهون آيو هو، شهباز شريف کي حلف کڻڻو هو، اوچتو خبر آئي ته صدر عارف علوي جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي ۽ هو موڪل تي هليو ويو

صدر جي غير موجودگي ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي (وقتي صدر) طور حلف کڻايو

هتي هڪ اهم سوال اهو به آهي ته تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده حڪومت لاءِ ڪهڙيون ڏکيائيون  ۽ رنڊڪون پيدا ڪري سگهي ٿو؟ ۽ اتحادي جماعتن تي ٻڌل حڪومت لاءِ صدر کي عهدي تان هٽائڻ ڪيترو چيلينج ثابت ٿيندو؟

جنرل ايڊوائيس ۾ دير: آئيني ماهر ڇا ٿا چون؟

آئيني ماهرن موجب جيڪڏهن موجوده سياسي بحران جو ڪو بهتر حل نٿو نڪري ته ايوان صدر موجوده حڪومت لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿي سگهي ٿو

سپريم ڪورٽ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا آئيني مامرن تي ڳالهائيندي مثال ڏنو ته صدر عارف علوي جي ڪري پنجاب جو نئون چونڊيل وڏو وزير حمزه شهباز عهدي جو حلف نه کڻي سگهيو آهي

سلمان اڪرم راجا موجب وزير اعظم گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما کي عهدي تان هٽائڻ جي تجويز صدر ڏانهن موڪلي ته اُن تي فوري رد عمل سامهون نه آيو

پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما وڏي وزير جي چونڊ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي پنهنجا اختيار ڇڏڻ کان انڪار ڪيو آهي، جنهن سبب پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير جو حلف رولڙي جو شڪار آهي

پارلياماني مامرن جي ماهر احمد بلال محبوب موجب شهباز شريف لاءِ صورتحال ان ڪري ڳڻتي جوڳي آهي جو جڏهن هو پاڻ عهدي جو حلف پئي کنيو ته صادق سنجراڻي ڪا رنڊڪ نه وڌي پر هاڻ مامرو سندس پٽ حمزه شهباز جو آهي ڇاڪاڻ ته گورنر حمزه کي حلف کڻائڻ کان انڪار ڪيو آهي ، صدر عارف علوي وزير اعظم جي ايڊوائس تي فوري عمل ڏئي ته ڏکيائيون ڪجهه گهٽجي وڃن ها

سلمان اڪرم راجا موجب روايتي طور چيو ويندو آهي ته صدر جي عهدي جا ڪا حيثيت ناهي پر جيڪڏهن صدر جي آئيني اختيارن تي نظر وجهجي ته ائين نظر اچي رهيو آهي ته صدر عارف علوي حڪومت جي مامرن کي عارضي طور لٽڪائي سگهي ٿو، اهم فيصلن جي منظوري ۾ دير ڪرائي سگهي ٿو

صدر کي جڏهن وزير اعظم يا ڪابينا طرفان ڪا سمري منظوري لاءِ موڪلي ويندي آهي ته صدر آفيس کي آئيني طور فيصلي لاءِ 15 ڏينهن جووقت ڏنو ويندو آهي، پوءِ صدر جي مرضي آهي ته هو سمري منظور ڪري يا نظرثاني لاءِ ٻيهر وزير اعظم يا ڪابينا ڏانهن اماڻي، صدر حڪومتي سمري جيڪا هڪ ڏينهن منظور ٿي سگهي ٿي اُن کي هڪ مهيني تائين روڪي سگهي ٿو

قانونسازي ۾ دير

سلمان اڪرم راجا موجب آئين جي آرٽيڪل  75 تحت جڏهن صدر وٽ منظوري لاءِ ڪو بل موڪليو ويندو آهي ته هو 10 ڏينهن اندر پنهنجي راءِ ڏيڻ جو اختيار رکي ٿو، جڏهن ته مني بل(بجيٽ) کانسواءِ 10 ڏينهن کانپوءِ صدر بل واپس موڪلي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ قانونسازي جي منظوري لاءِ پارليامينٽ جوگڏيل اجلاس گهرائڻ لازمي هوندو آهي، پر گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس گهرائڻ ۾ به حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن لڳي ويندا، يقينن موجوده حڪومت وٽ وقت گهٽ آهي، صدر عارف علوي جا آئيني اختيار شهباز حڪومت کي پريشان ڪري سگهن ٿا

صدر کي عهدي تان هٽائڻ ڪيترو ڏکيو هوندو؟

قانوني ماهرن موجب صدر کي آساني سان گهر نٿو موڪلي سگهجي ۽ موجوده پارٽي پوزيشن کي ڏسندي حڪومتي جماعت جو صدر جو مواخذو ڪرڻ تقريبن ناممڪن نظر اچي ٿو

قانوني ماهرن موجب صدر کي مواخذي لاءِ پارليامينٽ(قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ) جي ڪل ميمبرن جو 2 ڀاڱي اڪثريت حاصل هوندي آهي، جيڪڏهن نمبر گيم تي نظر ڊوڙائجي ته صدر کي هٽائڻ حڪومت لاءِ ڏکيو ناهي

هن وقت قومي اسيمبلي ۾ ڪل 342 سيٽون آهن، جڏهن ته 100 سينيٽر آهن، جن مان تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ سينيٽرز جو انگ 26 آهي

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪل 442 ميمبرن مان صدر  جي مواخذي لاءِ تقريبن 296 ميمبرن جي حمايت هجڻ ضروري آهي، حڪومت وٽ تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن کي گڏائي به قومي اسيمبلي ۾ ڪل ميمبرن جو انگ 197 ٿئي ٿو