ٽائٽينڪ جي ٻڏڻ جو ڏينهن

0
97
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

هڪ صدي اڳ عيش ۽ عشرت جي سامانن سان ليس ۽  ڀرپور شان وشوڪت  واري دنيا جو سڀ کان وڏو بحري جهاز ٽائٽينڪ سمنڊ جو سفر ڪندي هڪ برفاني ڇپ سان ٽڪرائڻ سبب  ٻڏي ويو هو. جيتوڻيڪ ٽائٽينڪ جي ٺاهيندڙ ڪمپني جي دعويٰ هئي ته ٽائٽينڪ جهاز اهڙي طرح سان تيار ڪيوو ويو آهي جو ان کي ٻڏڻ نه گھرجي ها، تڏهن به ٽائٽينڪ پنهنجن ٺاهيندڙن جي دعوائن جي ابتڙ ٻڏي ويو.

 ٽائٽينڪ  بلاشڪ پنهنجي دور جو سڀ کان وڏو مسافر بردار بحري جهاز هو، جنهن ۾ 36 سئو مسافرن جي گنجائش هئي. جڏهن اهو پنهنجي پهرئين سفر تي روانو ٿيو ته ان تي 2223 مسافر سوار هئا. تنهن هوندي به ڪجهه تاريخدان اهو تعداد 2227 ٻڌائين ٿا. ٽائٽينڪ1907ع ۾ اتر آئرلينڊ جي بحري جهازن جي مينوفيڪچرنگ سينٽر بلفاسٽ ۾ ٿي، ٽائٽينڪ جي شروعات مطابق ان ۾  32 لائف بوٽس جي گنجائش رکي وئي هئي، پر پوءِ ان کي نهايت محفوظ بحري جهاز باور ڪندي لائف بوٽس جو تعداد گھٽائي 20 ڪيو ويو. ٽائٽينڪ دنيا جو پهريون اهڙو بحري جهاز هو جنهن ۾ سوئمنگ پول، جمنازيم، لائبريري ۽ تفريح جو ٻيو ڪيترو سارو سامان موجود هو.

 1 مئي 1911ع تي ٺيڪ 12:13 منٽن تي ٽائٽينڪ کي بيلفاسٽ ۾ سمنڊ ۾ لاٿو ويو هو بيلفاسٽ کان ٽائٽينڪ کي نيويارڪ آندو ويو جتان کان تقريبن هڪ سال  بعد دنيا جو اهو عظيم ترين جهاز پنهنجن مسافرن کي کڻي پنهنجي پهرين ۽ آخري بحري سفر تي نڪتو، پر اهو جهاز ڪڏهن به پنهنجي منزل تي نه پهتو ۽ رستي ۾ئي هڪ برف جي ڇپ سان ٽڪرائڻ سبب پنهنجي سفر جي پنجين ڏينهن ئي سمنڊ جي گهرائين ۾ ٻڏي ويو جهاز تي موجود اڪثر مسافر ٻڏي مري ويا.

 1911ع ۾ بڻايل ٽائٽينڪ پنهنجي وقت جو سڀ کان وڏو جهاز هو جنهن کي بڻائڻ ۾ پندرهن هزار ماهرن ۽ مزدورن جي محنت لڳي هي.

ان دور ۾ جهاز تي ٻارڻ لاءِ ڊيزل يا تيل بدران ڪوئلو استعمال ڪيو ويندو هو. جيتوڻيڪ انگلستان ۾ ڪوئلو تمام گھڻي مقدار ۾ دستياب هوندو آهي پر ٽائٽينڪ جهاز جي بدقسمتي ئي هئي، جو تن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ ڪوئلي وارن جون هڙتالون جاري هيون. جنهن ڪري ٽائٽينڪ کي پنهنجي ضرورت لاءِ ڪوئلو اوڌر تي وٺڻو پيو. پوءِ به جيترو ڪوئلو ان کي گھربل هو ايترو نه ملي سگهيو ۽ ٽائٽينڪ کي گهٽ ڪوئلي سان پنهنجو پهريون بحري سفر ڪرڻو پيو.

ٽائٽينڪ برفاني ڇپ سان14 اپريل 1912ع تي ٽڪرايو هو ۽ هڪ ڏينهن کان پوءِ يعني 15 اپريل تي اهو سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ان جي ملبي جي ڳولا ڪئي وئي. نيٺ 1985ع ۾ سمنڊ مان ان جو ملبو ڳولي هٿ ڪيو ويو.

ٽائٽينڪ جهاز جي ڊزائن آئرش ماهر وليم پيري تيار ڪئي هئي. هن شاندار جهاز جي ڊيگھه 883 فوٽ هئي جهاز ۾ 16 ڪمپارٽمينٽ هئا. ايئن سمجھيو ويندو آهي ته جهاز جا اهي سمورا ڪمپارٽمينٽ واٽر پروف هئا. پر 14 اپريل  واري رات برفاني ڇپ سان ٽڪرائڻ  کان پوءِ جهاز جي پنج ڪمپارٽيمٽنس کي نقصان پهچتو ۽ ان ۾ پاڻي ڀرجڻ لڳو. جهاز  ۾ سوار اڪثر مسافرن سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.

ٽائٽينڪ ۾ جهاز جي ڪپتان ۽ ڪريو سميت 2223 مسافر سفر ڪري رهيا هئا. 15 اپريل جي رات جو 2 لڳي 20 منٽن تي جهاز ٻڏي ويو. ٽائٽينڪ ۾ لائف بوٽس جي ڪمي جي سبب اتر اٽلانٽڪ جي ٿڌي پاڻي ۾ اٽڪل پندرهن سون کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي مري ويا. 700 کان وڌيڪ مسافرن کي بچايو ويو. ٽائٽينڪ واري حادثي کان پوءِ مسافر بردار جهازن جي تحفظ لاءِ تمام سخت قانون بڻايا ويا ۽ برفاني ڇپن کان جهازن کي بچائڻ لاءِ سمنڊن ۾ پيٽرولنگ به شروع ڪئي وئي.