“پريت”..حد کان لاحد جو سفر

0
327
اک اک جو ڦير، چوڦير

رُخسانه پريت جو مون وٽ  بحيثيت شاعرہ تعارف ڪافي پُراڻو آھي ليڪن ھن سان پھرين ملاقات ذري گهٽ پوڻا ٻه سال اڳ  منھنجي ڊائريڪٽر ھيلٿ  آفيس حيدرآباد ۾ بدلي دوران ٿي.منھنجي لاءِ اھا خوشگوار حيرت جهڙي ڳالھه ھُئي ته ڊاڪٽر رُخسانه چنڙ ءِ آءُ  گڏجي آفيس جا ڪم سرانجام ڏينداسين.ٿوري ئي وقت ۾ ھن سان ايتري پنھنجائپ ٿي ويئي جو پاڻ آفيس ۾ روز  منجھند جي ماني گڏجي کائڻ شروع ڪئي.اھو وقت ڪووڊ وبا جي اُڀار جو دور ھو،سماجي وٿيءَ ڪارڻ ماڻھوءَ ماڻھوءِ کان ڇرڪيل ھو.اسان گڏجي ڪم ڪيو ۽ سرڪاري ڪم سانگي ٺٽو،دادو،بدين ،ڪيٽي بندر ،سجاول گڏجي گھميوسين .اسانجي وچ ۾ ڪڏھن سياست ۽ ادب تي سرسري گفتگو ٿي ويندي ھُئي. انھي دوران منھنجي آڏو سندس جيڪو تاثر  اُڀري آيو ته ھوءَ صاف گو ۽ ڳالھه کي ٺڪي ٺوڪي، تُز نموني ڪرڻ واري عورت ھُئي، پنھنجي ڳالھه رکندي جيڪڏھن گفتگو ۾ مزو نه آيو ته ڪچھري ڇڏي ھلي ويندي ھُئي.عورت جي باري ۾ غيرمعمولي طور حساس ھن عورت وٽ اھا ڳالھهبه ناقابل برداشت رھي ته ڪو چوي ته  فلاڻي عورت مرد جهڙي خاصيت واري آھي، جلدي بلا جيان بُل  ڏئي چئي ڏيندي ته عورت ، عورت صرف عورت آھي مرد جهڙي ڇو؟

اتفاق ۽ خوشقسمتي سان پنھنجي سروس جا آخري پنج مھينا گذارڻ لاءِ آءُ واپس حيدرآباد آيس ته اسانجون وري ساڳيون ڪچھريون ۽ گھمڻ به شروع ٿيو  ۽ ٿر،لاڙڪاڻو،ڪشمور،خيرپور ۽ نوشھرو،ڪوھستان به گڏجي گهميو ھڪٻئي کي سمجهڻ ۽ اتانجي ماڻھن جي نفسيات  کي ڏسڻ جو ويجھو موقعو مليو.عام گفتگو دوران  ھوءُ اچانڪ خودرو ۽ وڏا  ٽھڪ ڏيندي ھُئي ته مان اچرج ۾پئي  پاڻ کي روڪي وٺندو ھُيس ۽ سندس اھڙن  ٽھڪن کي  سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو ھيس.

مونکي اھا  خبر ھُئي ته ھوُءَ سُٺي شاعرہ آھي ۽ سندس  شاعري جا ڪتاب به آھن ليڪن اھا مونکي ھن وٽان ئي  بعد ۾ خبر پئي ته سندس  شاعري جا ٻه مجموعا مارڪيٽ ۾ آيل آھن جڏھن ته سندس ٽيون مجموعو  “تون جو پاڇو چنڊ جو” ڇپائي ھيٺ آھي جڏھن اھو ڪتاب ڇپجي آيو ته ھڪ ڪاپي مونکي به ڏنائين جنھن تي ڪجھه لفظ حاضر خدمت آھن.آءُ ڪو شاعر نه پر ادب ۽  سياست ۾ دلچسپي رکندڙ آھيان انڪري ھن تبصري کي انھي پس منظر ۾ ڏسندي ڪوتاھيون درگذر ڪرڻ جي اڳواٽ عرضي رکي ٿو ڇڏيان.

رخسانه پريت جو زير بحث شاعري جو  ڪتاب “تون جو پاڇو چنڊ جو” 296 صفحن تي مُشتمل آھي جنھن ۾ 95 ”غزل”،38“ وايون” ،ايترائي ملائي جُلائي“ نثري،آزاد نظم” ۽ ”ترائيل”،“ڏيڍوڻا”،“گيت”،“بيت” شامل آھن.جن۾ اھي موضوع بيان ٿيل آھن جيڪي پاڻ روز ڏسون ٿا .سندس شاعري جو مُک موضوع عورت ته آھي ليڪن انھي ۾ پيار جو ،مُحبت جو عشق،وفا  جو ذڪر باربار اچي ٿو.  سندس غزل جا ھي ٻه بند ته ڏسو ڇا ته ڪمال جو خيال آھي.،

پيار وڻ ويڙھيءَ جيان ڇڏي ويڙھي،

ايتري بس ڄمار ٿي آھيان.

ھجان ٻيڪڙ ۾ تنھنجي ٻانھن جي،

ھا مان اھڙا مدار ٿي چاھيان….

يا سندس ھيٺيون غزل ڪيڏو نه شاندار ۽ نغمگي سان ڀرپور آھي.،

سار ڪا اوچتي اچي ٿي وڃي،

ذھن جو در ٽپي اچي ٿي وڃي

تو سوا پل پرين نٿو گُذري،

ڳالھه ان ۾ سڄِي اچي ٿي وڃي.

دل کي زنجِير ڪنھن وڌِي آھي.

ڪنھن نه ڪنھن تي چري اچي ٿِي وڃِي….

محبت جي منزل جي تمنائي پريت جو ھي ڏيڍُوڻو به ڪيڏو نه من  لڀائيندڙ آھي

من باھه ٻرِي آھي،

جلندڙ جو چُمِي ھن کان چپڙن تي ڪرِي آھي.

وري ھن ڏيڍوڻي ۾ رُخسانه  پريت جولفظن سان کيڏڻ ته ڏسو…

ڪڪرِي ته وسِي وئِي آ

بس پياس پُسِي ڪونھي،ھر چيزپُسِي وئِي آ.

رُخسانه پريت ،محبت،عشق پيار سان ته نڀائڻ ۾ ڇيھه ڪري ڇڏيو آھي ليڪن ھنجي وجود جا جلترنگ تڏھن مستي ۾ اچي ٿا وڃن جڏھن ھو جدوجھد ، سا به عورت جي جدوجھد کي ڳائي ٿي..

سوچِيندي ته سگهاري ٿِيندي

نيٺ سکِي سوڀارِي ٿيندي

سُورج وانگي اڀري ايندِي

چانڊوڪين ۾ نِکرِي ايندي

اُڀ ۾ ڪاري بادل وانگي

ڏاڍ انياءُ تي ڏمرِي ايندي

ڪيسين ڪُسبِي ڪارِي ٿيندي

نيٺ سکِيءَ سوڀارِي ٿيندي

رخسانه پريت نه صرف  ڪورونا جي خوفناڪ وبا تي ھڪ ڊاڪٽر بڻجي ڳالھه ڪئي آھي بلڪه ڪورونا جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ  دوران پنھنجو درد به بيان ڪيو آھي.  ھن سنڌ ،درياءَ وطن کي ڳايو آھي بلڪه ھن  تحريڪن،شخصيتن، ڪردارن کي به ڳايو آھي انھي ۾ بلوچ حقن لاءِ نڪتل ماما قدير جي  لانگ مارچ جو ذڪر به آھي ته گم ٿيل سنڌ جي وارثن سسئي ۽ سورٺ جو بيان  به آھي . سنڌ بينظير ڀُٽو۽ بشير خان قريشي جي قتل تي ڪپجي لُٽجي  تڙپي پئي ھُئي انتي به پريت طبع آزمائي ڪري ڇا ته خيال جو کيل کيڏيو آھي بينظير جي شھادت جو نوحو ھيئن بيان ڪري ٿي.،

آئي ته للڪار بڻجي آئي

پاتئين نه ڇاتي تي زرھه ڪائي

ھجوم مان ٿي سندءِ جدائي

ماڻھن لاءِ آئي  ماڻھن مان ويئي

مگر ڊگهي وئي تاريخ ڏيئي

ايئن ئي بشير خان قريشي لاءِ به لکيائين.،

ڏنڊا ٻيڙُين جون جهنڪارون

ويو  نينھن جا نغما ڳائي

شھادت پاند ۾ پائي

سڀئي ويو خواب جاڳائي

توڙي جو جيئري ڪنھن شخصيت  کي ڳائڻ جي پاڻ وٽ روايت گهٽ رهي آهي  ليڪن پريت  زماني ۽ روايتن جي پرواھه نه ڪندي پنھنجي سھيلي ۽ شايد رول ماڊل  عطيه دائود سميت پنھنجين سھيلين کي به ڳايو آھي. چنڊ ۽ انجي چانڊوڪي ننڍي کنڊ ۾ سُونھن ۽ سونھين جي علامت طور ڳايل آھي اردو ۽ ھندي جي شاعرن “چندا تيري چاندني ۾ جيا جلا جائي ري“،“اي چاند انڪو جاڪر ميرا سلام ڪھنا” جيان ڳايو آھي جڏھن ته لطيف وٽ چنڊ جو اُڀرڻ ڪو سٺو سنئوڻ ئي ناھي بلڪه لطيف چنڊ کي پرينءَ جي پير جو پدم به سمجھڻ لاءِ تيار ناھي .لطيف چنڊ جي چانڊوڪي نه بلڪه اونداھي انڌ جو طلبگار آھي جنھنجي روشني محبوب سان سندس ميلاپ ۾ رڪاوٽ آھي

“چنڊ لڳيئي منڊ سنجھي ئي سيخ ٿيئن

ڪر اونداھي انڌ ته ملان محبوبن سين”

 ليڪن پريت وٽ چنڊ سُونھن به آھي ،سُونھون به آھي ته محبوب به  آھي جنھن سان ھو کيچل ڪرڻ ، پيار ڪرڻ ٿي چاھي.،

چنڊ کي پل سڏائي پھلوءَ ۾

سُونھن کي ويجھو ٿي ڇُھِي ڏسجي

پاڻ کي خود وڃائي خود ۾ پو

پاڻ کي پاڻ مان لڀِي ڏسجي

پريت ڪجھه لفظن کي بار بار پنھنجي شاعري ۾ ڪتب آندو  آھي جن ۾ “ٻيڪڙ”،“ ڪڙو”،“ڪڙيل” “ڪڙجڻ،”اڻ ڪڙيا“ ،“سڄر” نمايان آھن جن جي استعمال  سان ھنجي شاعري جو حُسن ۽ گھرائي دوبالا ٿيو آھي.،

ٻانھُن جي ٻيڪڙ مان نڪتيس

ائين لڳو جيئن جڙ مان نڪتيس

وڙھندي ويڙھه وڏي رسمن سان

جڳ جي جهل جڪڙ مان نڪتيس

پريت جي شاعري گهڻي ڀاڱي غزل تي مشتمل آھي ليڪن ھن گيت وايون ڏيڍوڻا به  ڏاڍا سُٺا لکيا آھن  کيس ايڏانھن به توجهه ڏيڻ گهرجي ته سندس فن ۽ خيال غزل جيان وائي ۽ ڏيڍوڻي ۾ به انتھائي طاقتور آھي.،صوفين ۽ سھپ جي سرزمين بدين ضلعي جي ھڪ ڳوٺ ۾ باگڙي ڀُوري ڀيل کي قبر مان ڪڍي تذليل ڪرڻ تي سنڌ جڏھن ڦٿڪي پئي تہ پريت به جهل ۾ نه ايندي   وائي ۾ سماج کي ھيئن اُڇل ٿي ڏئي،

ڀُورا تنھنجي ڀُونءِ تي،

توسان ھيءُ انياءُ

سنڌ سڄي سڏڪي پئي..

ڪھڙو دين الله جو

ڏس تون مونکي آءُ

سنڌ سڄي سُڏڪي پئي…

پريت جا ھيءَ ڏيڍوڻا به مونکي ته  پنھنجي  من جو آواز لڳا

سنگسار پٿر ڪن ٿا،

تن کان به ته گھائو وڏا ،اولا ڪي اکر ڪن ٿا

ھا پير ته گهائن ٿا

سي ئي ته وري رستا ،ماڳن تي پُڄائن ٿا.

پريت جي شاعري ۾ غزل جي ھڪ خاصيت  قافيو آھي جيڪو عمومي غزل کان ڊگهو ۽  آخري سٽ جي اڌ جي والار ڪيل نظر اچي ٿو نتيجي ۾ ان ۾ خوبصورتي سان گڏ نغمگي به پيدا ٿي آھي .،

ڳھه،ڳٽو،ڪپڙو يا شئي ڪو ٽول ڪونھي،

پيار منھنجو آ پراڻو ڪونه ٿيندو.

ٻڪ،،گل،مرڪون ۽ پوءِ وڌئي ڀاڪر،

ھھڙو ڪوئي آجياڻو ڪونه ٿيندو.

پريت جي  ھن ڪتاب ۾ ڪجھه حصو سندس باري ۾ ۽ ڪتاب تي تبصرو آھي پريت پنھنجي پاران ٻه اکر لکيا آھن ۽ ھن تي چار ٻين تخليقڪارن به لکيو آھي سواءِ ريحانه چنڙ جي باقي ليکڪن لڳي ٿو ڪتاب پڙھڻ بنا سندس فوٽو سامھون رکي،پنھنجو خيال ولوڙي  مٿس ٻه اکر لکيا آھن  جن ۾ به صرف  عطيه دائود سندس ذات تي لکي ڪجھه انصاف ڪيو آھي.رخسانه  پريت جي پنھنجي پاڻ تي لکيل “ٻه اکر“ پڙھڻ دوران مان سوچڻ لڳس ته پيراگراف جيترا ڊگها جملا مان اڳ ۾ ڪٿي پڙھيا آھن ، پھرين ته مونکي  امرجليل جو “سرد لاش جو سفر“ ياد آيو  جڏھن ته ٻي پل موھن ڪلپنا جو شاھڪار  ناول“ بک عشق ۽ ادب“ ذھن تي تري آيو جنھن جي پڙھڻ سان سحر طاري ٿي ويندو آھي.پريت جا ٻه اکر پڙھي محسوس ٿيو ته  شاعرہ جي من  اندر ۾ ھڪ  بھترين نثر نگار به موجود آھي جنھن کي ڦلھورڻ جي ضرورت آھي.

ڪتاب ۾ ڪافي  ڪمزوريون به آھن.پڙھندي گمان ٿيو ته ڪتاب تڪڙ ۾ سھيڙيل آھي جنھن جي ڪري پٽاٽا چانور۽ گوشت گڏجي ڀت ٺھڻ بجاءِ حليم ٺھي ويو آھي. غزل،بيت،گيت،وايون،نظم الڳ ڪري رکجن ھا ته بھتر لڳي ھا اڄڪلھه ھر تخليق جو عنوان رکڻ جي ريت پيل آھي جيڪڏھن عنوان نه بهھجي ته انھي صنف جو نالو لکيو وڃي ٿو. ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون به آھن جڏھن ته  ڪافي غلط العام لفظ به استعمال ٿيل آھن.“سنگرام” کي سنگھرام لکيو ويو آھي سنگرام جنگ جي ميدان کي سڏبو آھي ان تي شيخ اياز جو ھڪ خوبصورت نظم آھي جيڪو 1965ع واري جنگ دوران لکيو ويو ھيو ۽  اياز جي اھڙي شاعري  تي مٿس تعزير به لاڳو ڪئي ويئي ھُئي

“ھي سنگرام !

سامھون آ نارائڻ شيام

هن جا منهنجا قول به ساڳيا

ٻول به ساڳيا

ھن تي ڪيئن بندوق کڻان مان

ھن کي گولي ڪيئن ھڻان مان

انھي  غلط العام لفظ سنگهرام  سميت،“فقرات“(فڪرات)،”وھشين“(وحشِين) ،”نڀاھڻ“(نباھڻ يا نڀائڻ) ،”فاڪا “ (فاقا)،سنڀرجي (سنبرجي )،”ڦولھيو ڦولھيو“،”ٿفڪي“ (ٿڦڪي)،”مينگهھ“(ميگهھ) جھڙا غلط العام لفظ به شامل آھن جڏھن ته بينطير متعلق شاعري ۾ ”گولِيء جو ڪُھڻ“ وارو استعارو  به غلط آھي.گولي زخمي ڪندي آھي قتل ڪندي،ماريندي آھي ليڪن ڪُھندِي ناھي.

جيئن ته پريت شاعرہ آھي ،فيمنسٽ به آھي ته پوليٽيڪل ايڪٽوسٽ به آھي. تنهن ڪري ھنجي شاعريءَ ۾ بغاوت به آھي ته پدرشاھي سماج کان شديد نفرت به آھي.اھا نفرت کانئس “ڊيٿ وِٿ بِيٽِنگ ھارٽ”،ڪوئسچن ٽو جسٽس”،خودمختيار عورت”،“ريسڪيُو ” لکرائي ٿي.سندس نظم ”شھوت“ پڙھي منٽو ۽ عصمت چُغتائي جو اصلوب ۽  پدرشاھي سماج کان بغاوت ياد اچي وڃي ٿي.انھي نظم جو ڪلائيميڪس “ٺنڊا گوشت“ ۽ “کول دو” جي ياد تازي ٿو ڪري . عورت ،پريت جي رڳ رڳ ۾ وسي ٿي. اھا عورت جيڪا پدرشاھي سماج ۾ غلام آھي،لوڙي ٿي،روز ذليل ٿئي ٿي، ڪڙيل به آھي ته اڻ ڪڙيل به آھي جنھن سان  ھڪ ئي وقت پنھنجي وجود اندر ھوءَ جهيڙيندي نظر اچي ٿي.

رخسانه پريت  جي ھڪ  خصوصيت سندس نرالا ٽھڪ آھن جيڪي ھنجي وجود مان ڪچھري ھلندي بي ساخته  نڪري پوندا آھن جن  مان ڪڏھن  ڊپ به لڳندو آھي ته ڪٿي پدرشاھي ۽ ان ۾ قيد عورت سان جهيڙيندي پاڻ کي به گهائل نه ڪري وجهي. ھن جا اھي ٽھڪ  ئي ٻول،عشق،سراپا ديوانگي بڻجي ڪوري ڪاغذ تي ھارجي پوندا آھن، اھوئي عشق آھي جنھن جي ڪائي حد ناھي ،جنھن کي سمجهڻ ڏکيو آھي، ڏاڍو ڏکيو ته رخسانه کي سمجهڻ آھي جيڪا پريت به آھي ته بغاوت به آھي جنھن جو ڪو سِر،پير  ڪو کُرو ڪونھي،جيڪا سراپا ديوانگي آھي،جيڪا سرحدن کان آزاد آھي جنھن جي اُڏار آسمانن ۾ آھي ،ستن آسمانن ۾ بليڪ ھولن ڏانھن ، جنھن جو پتو کيسبه ناھي نه انھي جو پتو اسٽيفن ھاڪنگ  بليڪ ھولن کي ڳوليندي،يونيورس کي ملٽي يونيورس سمجهندي  ئي لڀي سگهيو ھو.

 ڪائنات جو حد کان لاحد ڏانھن سفر لامحدود آھي “پريت” جي پيار ۽ پورھيئي جيان جنھن جو اظھار سندس ھيٺين تخليق ۾ اونداھي رات ۾ ڏيئي جيان ٽمڪي ،ڀڙڪي جهجهڙ ٿي وقت جي طوفانن آڏو سينو ساھي بيھي رھيو آھي.

“عشق سڀ سرحدون لتاڙي ٿو،

عشق دل جي دري کي تاڙي ٿو.

عشق ويساھه جيان لڳي ٿو پيو،

عشق ڄڻ ساھه ۾ کڄي پيو ٿو.

عشق ساعت جي ڪائي سڌ ناھي،

عشق ديوانگي جي حد آھي………”