گھوڙاٻاري(رپورٽ مختيار جان چانڊيو ) عوامي تحريڪ يونٽ ور طرفان ايشيا جي ڏاهي سياستدان مفڪر ۽ دانشور رسول بخش پليجو جي 93 ھين سالگرهه جي سلسلي ۾ ور پريس ڪلب ۾ جلسو ٿيو، ان موقعي تي رسول بخش پليجو جي 93 ھين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي نائب صدر عبدالرزاق چانڊيو چيو ته رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ جو سليقوسيکاريو،ڪڙمين، ھارين، مزدورن ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بڻايو رسول بخش پليجو صاحب سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپھه سالار ھو، هو ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو وڏو نالو ھو، هو ھڪ فرد نه پر اداري جو نالو آھي پليجو صاحب اھا يونيورسٽي ھو جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب، ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفدار، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان مھاڏو اٽڪائي اک اک سان ملائي وڙھڻ سيکاريو، عوامي تحريڪ تعلقي گھوڙاٻاري جي صدر الله بخش بلوچ چيو ته پليجي صاحب ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف تاريخي جدوجھدون ڪيون سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مجاهد بلوچ چيو ته رسول بخش پليجو علم دوست شخصيت هو هو جسماني طور ته اسان کان جدا ٿيو آھي پر سندس نظريو ۽ ڪارڪن ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ آھن.