ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ مچ ڪچهري، نامياري راڳين سر وکيري محفل کي جهومائي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪراچي پريس ڪلب  مچ ڪچهري ڪرائي وئي. جنهن ۾ البيلن فنڪارن استاد عبدالغفور سومرو ۽ بشير سولنگي  مختلف ڪلام ڳائي محفل منڊي ڇڏي، مچ ڪچهري ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب خان، گورننگ باڊي جي ميمبر شمس ڪيريو، سينيئر صحافين طارق حسن، ڪفيل الدين فيضان، حماد حسين، رائو افنان، شوڪت ڪورائي، دودو چانڊيو، شاهد ميراڻي، ماجد سمون، حبيب جمالي، اياز بروهي، سليم جهنڊير، ارشاد سنجراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن پاران آيل مهمانن کي اجرڪ جا تحفا  پيش ڪيا ويا.