پيرونمل (ن پ ا) پيرونمل تعلقه سانگهڙ جي يونين ڪائونسل سيٺار جي ديھه ڊگهل ۽ ديھه سيٺار پير ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته  ڳوٺ ڪرم خان مري، حاجي سعید خان مري، محمدبچل شر، عاشق فقير مري  ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، ان حوالي سان  ڳوٺاڻن مشهد مري، عاشق حسين مري، اميربخش چانڊيو، آچر بروهي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسانجي علائقن مان اڃا تائين پاڻِي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، فصل ٻڏل آهن، پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، ڪنهن به واهر ناهي ڪئي، نوٽيس ورتو وڃي.