رسول الله ﷺ رستا بند ڪرڻ واري عمل کي شيطاني قرار ڏنو هو: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0
271
مُلڪ ٽٽڻ جو سبب آمراڻي حڪومت

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آھي ته ٻين جا بنيادي حق متاثر ڪري اظهار جي آزاديءَ جو حق استعمال ڪري نه ٿو سگهجي، رسول الله ﷺ رستا بند ڪرڻ واري عمل کي شيطاني قرار ڏنو هو

 سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران رمارڪس ڏنا ويا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالتي فيصلن ۾ واضح آهي ته بنا اجازت جي روڊن تي ماڻهو گڏ نه ٿا ڪري سگهجن

PTI changes schedule again; long march to now resume from Thursday

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته روڊن کي اڻڄاتل مدي تائين ماڻهو گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، جيڪي مظاهرين ماڻهن جي رستا استعمال ڪرڻ واري حق ۾ رنڊڪون وجهن انهن کي قانون تحت جوابدار بڻائڻ لازمي آهي

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته رياست جي رڳو اها ذميواري نه آهي ته هوءَ مظاهرين جي اجتماع کي آسان بڻائي، رياست جي پهرين ۽ بنيادي ذميواري آهي ته هر شهريءَ جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري

ھي به پڙھندا

راولپنڊي پهچڻ جي تاريخ ۾ ڪابه واڌ يا ڦير ڦار نه ٿيندي: فواد چوڌري