راولپنڊي پهچڻ جي تاريخ ۾ ڪابه واڌ يا ڦير ڦار نه ٿيندي: فواد چوڌري

0
203
آئين کي قراردادن سان
آئين کي قراردادن سان تبديل نه ٿو ڪري سگهجي: فواد چوڌري

اسلام آ باد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي پهچڻ جي تاريخ تبديل نه ٿيندي نه ئي اُن ۾ ڪا ڦير ڦار ٿيندي

ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف جو حقيقي آزادي مارچ سڀاڻي ٻيهر شروع ٿيندو، ان حوالي سان اڄ گجرانوالا ۽ لاهور ڊويزن جي ذميوارن سان ملاقات ۽ گڏجاڻي به ٿيندي

هن وڌيڪ چيو ته راولپنڊي پهچڻ جي تاريخ ۾ ڪابه تبديلي نه ٿيندي ۽ انشاءَ الله عمران خان نومبر جي ٽئين هفتي راولپنڊي ۾ هوندو

واضح رهي ته عمران خان تي حملي کانپوءِ تحريڪ انصاف جو  لانگ مارچ ختم ڪيو ويو هو، پي ٽي آءِ سڀاڻي کان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر قبول ناھي: شاھ محمود قريشي

عمران خان جو راولپنڊي دير سان اچڻ اھم حڪمت عملي جو حصو آھي: شيخ رشيد