شهيد اهلڪارن جو پلاند وٺڻ جو عزم: گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن جو فيصلو

0
356
شهيد اهلڪارن جو پلاند وٺڻ جو عزم

گهوٽڪي: رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت بعد پوليس ڏوهارين جي خاتمي لاءِ پلان جي تياري شروع ڪري ڇڏيو آهي

ايس ايس پي گهوٽڪي آءِ جي سنڌ کي خط لکي ڪچي جي 6 ٿاڻن تي ڊيوٽي ڪندڙ 678 اهلڪارن کي الائونس ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

ايس ايس پي گهوٽڪي خط ۾ سفارش ڪئي ته ڊيوٽي ڪندڙ سمورن اهلڪارن جي حاضري جديد سسٽم ذريعي يقيني بڻائي هر هڪ پوليس اهلڪار کي 20 هزار روپيا الائونس ڏنو وڃي

خط جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته وسطي جيوڻ شاهه، ٻيلو ميرپور، آندل سندراڻي، ڪچو ٻنڊي ون ۽ ٽو سميت گيمڙو ٿاڻن جا اهلڪار ڪچي ۾ هجڻ سبب خطرن کي منهن ڏين ٿا

ھي به پڙھندا

پوليس تي حملي ۾ ڌاڙيل راحب شر ۽ سومر شر وارو ٽولو ملوث آھي: ايس ايس پي گھوٽڪي

گھوٽڪي جي ڪچي ۾ ٽائيم نيوز جي ٽيم پاران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي بعد صورتحال جي بھادري سان ڪوريج