پيپلزپارٽي جي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر سينيٽ جي رڪنيت تان استعيفا ڏئي ڇڏي

0
268
پيپلزپارٽي جي سينيٽر

ڪراچي:پيپلزپارٽي جي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر سينيٽ جي رڪنيت تان استعيفا ڏئي ڇڏي آھي، مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي استعيفا سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وٽ جمع ڪرائي

 

پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته منهنجي سياسي مستقبل بابت قياس آرائيون ڪندڙن لاءِ واضح ٿو ڪيان مان ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ۾ نه پيو وڃان، مان پنهنجي آزادي برقرار رکڻ جي پوري ڪوشش ڪندس

مصطفيٰ نواز کوکر اعظم سواتي جي وڊيو ريڪارڊ ڪرڻ واري معاملي تي پارٽي پاليسي جي ابتڙ سخت موقف اختيار ڪيو هو

مصطفيٰ نواز کوکر تصديق ڪئي هئي ته پارٽيءَ جي قيادت پاران سينيٽ جي رڪنيت تان سندس استعيفيٰ طلب ڪئي وئي آهي، پيپلزپارٽي پاران مصطفيٰ نواز کوکر کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرايو ويو هو

ھي به پڙھندا

اعظم سواتي سان جيڪو ٿيو، اُهو دردناڪ آهي: چيف جسٽس