راکي ساونت مڙس عادل جي بي وفائي تي روئي ڏنو

0
561

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ماڊل ۽ ڊانسر راکي ساونت پنهنجي مڙس عادل جي بي وفائي تي روئي ڏنو ۽ صحافين کي عادل کي اسٽار نه بڻجڻ جي درخواست به ڪري ڇڏي

راکي ساونت جم جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مڙس عادل جي ڪنهن ٻي ڇوڪري سان تعلق جو انڪشاف ڪندي روئي ڏنو

ان کان اڳ خبرون هليون ته نامياري ڀارتي ڊانسر ۽ تازو مسلمان ٿيندڙ اداڪارا راکي ساونت جي شادي خطري ۾ پئجي وئي آهي، سندس چوڻ آهي ته مون کي گھر بچائڻو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب راکي ساونت هڪ انٽرويو ۾ چيو ته شادي مذاق ڪونهي، جيڪو گھر ڦٽائڻ ۾ ملوث هوندو ان کي نه ڇڏينديس، هن چيو ته اڃا تائين تمام گهڻي ڊسٽرب آهيان، ان ڪري ڪجهه نٿي ٻڌائي سگهان، وقت اچڻ تي سڀ ڪجهه ٻڌائينديس

راکي ساونت جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ جم ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته عادل مون سان سٺو ناهي ڪيو، مون هن کي اسٽار بڻايو، هن سان مسلمان ڇوڪري سان واسطا آهن، مون کي هن قرآن پاڪ تي هٿ رکي چيو هو ته مان ان ڇوڪري سان رابطو نه ڪندس پر هوءَ ڇوڪري هن کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي

راکي ساونت چيو ته عادل تو مون سان سٺو ناهي ڪيو، هن ميڊيا وارن کي پيرين پوندي چيو ته خدا جي واسطي عادل کي اسٽار نه بڻايو، هن جا ڪارا ڪم ان مسلمان ڇوڪري وٽ آهن، هو سٺو انسان ناهي مون کي چوندو هو ته تون ڀڳوان آهين، مان ان جي قيد ۾ رهڻ پسند نٿي ڪيان

هُن ڇوڪري کي وارننگ ڏيان ٿي ته مان وقت اچڻ تي تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ڪنديس، مون کي ماءُ بڻجڻو آهي، هڪ انسان بڻجڻ چاهيان ٿي، 8 مهينا خاموش رهيس، هي منهنجو مڙس آهي، في الحال تصويرون ۽ وڊيوز جاري نٿي ڪريان، عادل پر توکي ڪجهه حاصل نه ٿيندو

ياد رهي ته راکي ساونت تازو هڪ مسلمان نوجوان عادل دراني سان شادي ڪري مسلمان ٿي هئي. عادل دراني ڪافي وقت تائين شادي قبولڻ کان انڪاري هو پر بعد ۾ هن اقرار ڪيو ته هن ۽ راکي ساونت شادي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

شرلين چوپڙا ڪيس ۾ ڀارتي پوليس راکي ساونت کي گرفتار ڪري ورتو