سمورا اختلاف وساري دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

0
194

پشاور : وزيراعظم شهباز شريف  چيو آهي ته سمورا اختلاف وساري دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، هڪ پارٽيءَ جو ليڊر جيڪو مون سان هٿ ملائڻ به پسند نه ڪندو هو، ان کي به اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي

وزيراعظم شهباز شريف پشاور ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته  قوم سوال ڪري ٿي ته پشاور سانحو ڪيئن پيش آيو؟ هڪ دهشتگرد چيڪ پوسٽ پار ڪري پوليس لائينز ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي ڪوتاهي افسوسناڪ آهي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهن پشاور ڌماڪي کي ڊرون حملو چئي انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو نامناسب هو

دهشتگرديءَ کي چٿڻ لاءِ وقت ضايع ڪرڻ بدران اڳتي وڌڻو پوندو، خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي سرڪار کي 2010 کان وٺي 417 ارب روپيا ڏنا ويا، اهي پئسا ڪيڏانهن ويا، ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي

ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي نئين لهر کي منهن ڏيڻ بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ پشاور ۾ ايڪپس ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ويچار آهن

 آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي وزيرن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سميت چئني صوبن جي وڏن وزيرن جي شرڪت، ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس بعد پڌرنامو جاري ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

وزيراعظم طرفان 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب، عمران خان کي به شرڪت جي دعوت

وفاقي سرڪار پاران مهانگائي سٽيل عوام تي نئون پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون