رات جو ساڍي يارهين وڳي سوال جو چنڊ نظر اچڻ واري اعلان تي قوم حيران

0
334

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) رات جو ساڍي يارهين وڳي سوال جو چنڊ نظر اچڻ واري اعلان تي قوم حيران، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي ميمبر مفتي ياسين ظفر جي وڊيو معاملي عيد جو چنڊ نظر اچڻ واري معاملي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو، ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران مفتي ياسين ظفر چيو ته مفتي منيب جي ياد اچي وئي، هو دٻاءُ برداشت ڪندو هو، هي ماڻهو هڪ عيد ڪرائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، مفتي منيب ماڻهن کي قضا جو روزو رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آئون پاڻ به جمعي تي قضا جو روزو رکندس، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اربع تي چنڊ جو نظر اچڻ ممڪن ئي نه هو، ڪوڙ ڳالهائي مقدس مهيني جي پڄاڻي ڪرڻ ڪٿان جي سياڻپ هوندي، سڌو چئو ته اسان کي عيد افغانستان ۽ سعودي عرب سان ملهائڻي آهي، چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ٿيندي ئي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته قوم سان ڪيل واعدو پورو ڪيو، دير ضرور ٿي پر 20 سالن کانپوءِ سڄي قوم هڪ عيد ملهائي رھي آھي.