اسرائيل جي فلسطينين تي بمباري جاري، شھيدن جو انگ 68 ٿي ويو

0
447

غزا (ڊيسڪ رپورٽ) فلسطيني شهرين تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 68 ٿي ويو، مارجي ويلن ۾ 15 ٻار ۽ حماس جو ڪمانڊر شامل، اسرائيلي فوج غزه ۾ 20 ماڙ عمارت کي چئن ميزائلن سان تباه ڪري ڇڏيو، فليٽس ۽ ميڊيا هائوسز ملبي جي ڍير ۾ تبديل، حماس جي ڀرپور جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 7 اسرائيلي مارجي ويا، ڪيترائي اسرائيلي زخمي پڻ ٿي پيا.