رائونتي: ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

0
192
جهڏو ۾ هٿياربندن

رائونتي(ن پ ا) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن مامري تان جهيڙي جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب محراب شر مارجي ويو آهي

ڌرين وچ ڪارنھنِ مامري تان جهيڙو هلندڙ هو ۽ ڪجهه سال اڳ محراب شر ڪارنھنِ الزام هيٺ شر برادري جو ڊيڊو شر کي ماريو هو، اڄ پلاند ۾ شر برادري محراب شر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي

مارجي ويل جي وارثن جو چوڻ آهي ته  ارباب شر ۽ حبيب شر، حملو ڪري مهنجي چاچي کي ماريو آهي، واقعو  رائونتي ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ خالق داد شر م پيش آيو آهي، رائونتي پوليس هن واقعي تي ڪو موقف نه ڏنو