اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت ملڪي تاريخ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي جاري ڪري ڇڏي، سي پيڪ جَي منصوبن ۾ ٻين ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت،  والاريل ڪشمير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم مفاد رهندو، ڀارت سان امن جي خواهش ۽ لاڳاپن جو مرڪزي نقطو  ڪشمير ئي رهندو، پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ هِندتوا واري سياست ڳڻتيءَ جوڳي آهي، پاليسي ۾ واضح آهي ته دشمن پاران ڪنهن به وقت بطور پاليسي آپشن طاقت جي استعمال جا امڪان موجود آهن، اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته مادر وطن جي دفاع لاءِ ڀرپور جواب ڏنو ويندو. وزيراعظم عمران خان پاران تقريب دوران قومي سلامتي پاليسي جي عوامي ويزن جاري ڪرڻ بعد پاليسي جا اهم نقصان سامهون اچي ويا آهن، قومي سلامتي جي پاليسي ۾ دفاع، گهرو، پرڏيهي ۽ معيشت جهڙن شعبن تي ٻڌل تصور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.قومي سلامتي پاليسي ۾ سي پيڪ بابت منصوبن ۾ ٻين ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي آهي، پاليسي موجب ڪشمير بدستور پاڪستان جي قومي سلامتي جو اهم مفاد رهندو، ڀارت سان امن جي خواهش ۽ ڪشمير مسئلي جو حل لاڳاپن جو مرڪزي نقطو رهندو. پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ هندوتوا سياست شديد ڳڻتي جوڳي ۽ پاڪستان جي سڪيورٽي تي اثر انداز آهي، جڏهن ته ايران سان انٽيليجنس مٽا سٽا ۽ سرحدي علائقن جي پيٽرولنگ سان لاڳاپا بهتر ٿيندا. آمريڪا جي حوالي سان پاليسي ۾چيو ويو آهي ته آمريڪا سان پاڪستان جي سيڙپڪاري، توانائي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ سهڪار جي خواهش آهي، پاڪستان آمريڪا سان سڪيورٽي ۽ انٽيلي جنس جي شعبن ۾ سهڪار جي خواهش رکندو. پاليسي موجب افغانستان، ايشيائي رياستن  سان معاشي رابطن جو دروازو آهي ۽ پاڪستان افغانستان ۾ امن جو حامي آهي. روس سان توانائي، دفاعي ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڀائيواري نئين سر ترتيب ڏني پئي وڃي.قومي سلامتي پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته مذهب ۽ لسانيت جي بنياد تي انتهاپسندي معاشري جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. قومي سلامتي پاليسي ۾ دهشتگردي قومي سلامتي ۽ هم آهنگي جي رستي ۾ وڏي رنڊڪ قرار ڏني وئي، جڏهن ته پاليسي ۾ معاشي تحفظ جي ذريعي روايتي ۽ انساني سڪيورٽي کي ڳنڍيو ويو آهي.پالسي موجب قومي آمدني وارا  ذريعا وڌائي راويتي ۽ انساني سڪيورٽي تي ورڇ ڪرڻ وارو نظريو حاصل ڪيو ويندو، جنگ مڙهي وئي ته بچاءَ لاءِ قومي طاقت سان سمورن عنصرن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪستان جي جغرافيائي سرحدن جو هر قيمت ۽ هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو.قومي سلامتي پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي دفاع لاءِ گهٽ ۾ گهٽ جوهري صلاحيت کي هڪ حد تائين برقرار رکيو ويندو،  جڏهن ته سرحدي مسئلن خاص طور تي ايل او سي تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ اولهه سرحد تي ڪنڊيدار تار تي ڌيان ڏنو ويندو. پاليسي موجب جعلي اطلاع ۽ اثر انداز ٿيڻ جي لاءِ پرڏيهي آپريشنز جو هر سطح تي مقابلو ڪيو ويندو.

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ مجبوري ۾ وڃڻو پوندو آهي، شرط مڃڻا پوندا آهن  جنهن تي عوام تي بار وجهڻو پوندو آهي، آءِ ايم ايف جا شرط مڃيندا آهيون ته سيڪيورٽي متاثر ٿيندي آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته وڏي محنت سان متفقه قومي دستاويز تيار ڪيو آهي پهريان ڪڏهن بحيثيت قوم ترقي جو تصور ناهي ڏنو ويو، قومي سلامتي لاءِ ضروري آهي ته بلوچستان ۽ قبائلي علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏيون. وزير اعظم عمران خان چيو ته جهڙي ريت سڪيورٽي فورسز اسان کي محفوظ رکيو، ان تي ڀيٽا يش ڪيان ٿو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي فورسز پاڪستان کي محفوظ رکيو، جيڪي فورسز پنهنجي ملڪن کي محفوظ نه بڻائي سگهيون، انهن جي حالت ڏسي وٺو، اسان خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ بهترين تربيت يافتا فورس آهي. وزيراعظم چيو ته اوهان ٿوري وقت کانپوءِ آءِ ايم ايف وٽ ويندا ته اوهان جي سڪيورٽي متاثر ٿيندي، ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿيندي ته دفاع به ڪمزور ٿيندو، معيشت ۾ ڪڏهن ائين نه سمجهيو ويو ته اسان کي پاڻ کي ڪيئن محفوظ رکڻو آهي، اسان جو گروٿ ريٽ مٿي ويندو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو پيدا ٿي ويندو آهي.