اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم قومي سلامتي پاليسي پارليامينٽ ۾ پيش  ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان جي پهرين قومي سلامتي پاليسي آهي، جيڪا قومي رياستي گهرج آهي، هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي تي پارليامينٽ کي ڄاڻي واڻي ۽ بي خبر رکيو ويو، هيٺين ۽ مٿين ايوان ۾ قومي سلامتي پاليسي ٺهندي آهي، پي ڊي ايم ترجمان وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ کي نظرانداز ڪرڻ ٻنهي ايوانن جي توهين ناهي؟ پارليامينٽ کي نظرانداز آمريت ۾ ڪري سگهجي ٿو، جمهوريت ۾ نه، هن چيو ته پي ڊي ايم پهرين ڏينهن کان چئي رهي آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت نه آهي،جمهوريت جي نالي تي عمران نيازي ۽ تحريڪ انصاف جي شڪل ۾ آمريت مڙهيل آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته پنهنجي لاءِ ٺاهيل قومي پاليسي عوام تي مڙهي وئي، هي ڪهڙي قومي سلامتي پاليسي آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ کان پڇو به نه ويو، اسلام آباد ۾ شيري رحمان جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان جيڪو معاهدو ٿيو، اهو اڃا تائين سامهون نه آيو آهي، چيو ويو هو ته معاهدو ڪجهه ڏينهن ۾ قوم سامهون آندو ويندو، هن چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته صرف رياست جي بيانيي کي تاريخ ۾ جوڙيو وڃي، تاريخ ۾ عورتن جي جدوجهد به ان ظلم جو شڪار آهي.