رائونتي (ن پ ا) ڪجهه ڏينهن ۾ رانوتي ٿاڻي جي حد مان 7 ڇوڪريون مبينا طور پيار پرڻي لاءِ گهران نڪري ويون، رائونتي ٿاڻي تي گهران نڪتل ڇوڪرين جي والدين شڪايت درج ڪرائي، ليلا ڌيءُ قادربخش ميراڻي گهران نڪري رانوتي واسي اصغر ميراڻي سان شادي ڪري ڇڏي، جيڪا رائونتي جي ڳوٺ چڪ شهباز پور جي رهواسڻ آهي. هوڏانهن رائونتي ويجهو شادي ميگهواڙ پنهنجي ڀيڻويي جاڳڻ سان گهران نڪري وئي، جڏهن ته زرينا ڌوئو به مبينا طور پنهنجي ڀيڻوئي سان گهران نڪري وئي، ناري مسرت ڪوري گهران نڪري پيرڳوٺ واسي طالب حسين ڪوش سان شادي ڪري ڇڏي، ڳوٺ چڪ مان صائمه ڪوري گهران نڪري پنجاب جي شهر سنجر پور واسي شيرباز سان شادي ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن چڪ شهباز پور مان سنيتا اوڏ گهران نڪري مذهب مٽائي پنجاب جي رهواسي سان شادي ڪرڻ جا اطلاع آھن، 7 ڇوڪريون پرڻي لاءِ گهران نڪرڻ جي اين سي رائونتي ٿاڻي داخل آهن، پوليس موجب ٻن ڇوڪرين شادي ڪئي آهي، باقي ڇوڪرين جي ڳولا ڪريون پيا.