مٺي (رپورٽر) ملڪ جي مشهور نفسياتي ماهرن، سنڌ حڪومت، يونيورسٽين ۽ اسپتالن ٿرپارڪر ۾ آپگهات جي واقعن کي ٻنجو ڏيڻ واري پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پروگرام تحت هڪ تحقيق ذريعي سال 2016 کان 2020 تائين آپگهات جي ٿيل واقعن جا سبب معلوم ڪري انهن جو نفسياتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ۽ اهڙن واقعن جي رستاروڪ لاءِ سفارشون جوڙيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي چيئرمين سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه دربار هال مٺيءَ ۾خودڪشيءَ وارن واقعن جي نفسياتي پوسٽ مارٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو، سينيٽر انجنيئر گيانچند، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام، ڊائو يونيورسٽي جي ڊاڪٽر پروفيسر سيد حيدر رضا نقوي، ٿر فائونڊيشن جي محسن ٻٻر، ڊي ايچ او ڊاڪٽر گوردن داس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي چيئرمين سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه چيو ته اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو 5 سالن جي ڊيٽا سان هڪ ميڪنزم ٺاهيو ويو. ٿر فائونڊيشن آپگهات ڪندڙن جي نفسياتي پوسٽ مارٽم لاءِ مدد فراهم ڪئي ، جيڪا ساراهه جوڳي آهي. آپگهات جي واقعن جي نفسياتي پوسٽ مارٽم جا نتيجا ڪجهه مهينن تائين دستياب هوندا ، جيڪي حقيقي سببن کي ظاهر ڪندا. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙي قسم جي تحقيق نه ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر بيکارام چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو نفسياتي پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي، اهو آپگهات جي سببن کي ڄاڻڻ ۽ واقعن کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.