هنڱورجا (ن پ ا) سنڌ جي مهان ڏاهي، ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان عطا محمد ڀنڀرو جي پهرئين ورسي هنڱورجا لڳ ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ انتهائي سادگي سان ملهائي وئي، ڪرونا وائرس سبب ڪو به جلسو منعقد ڪيو نه ويو جڏهن ته صرف وارثن عبدالحق ڀنڀرو، پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو، محمد صالح ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ مغفرت لاءِ خصوصي دعا پڻ گھري وئي جڏهن ته مزار جي آڳر تي صوفياڻي راڳ جي محفل سجائي وئي، جنهن ۾ ناليواري ايڊووڪيٽ نور محمد تنيو،ايڊووڪيٽ فياض حسين خميساڻي، سماج سڌارڪ اڳواڻ ڊاڪٽر نذير کوکر،الفت سهتو سميت علائقي جي ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ ناليواري صوفي فنڪار صورت فقير پنهنجي سرن ۾ مرحوم عطا محمد ڀنڀرو کي ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن ته مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي وفدن مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ مرحوم کي ڀيٽا پيش ڪئي .