رائونتي جي ڪچي مان 2 ڊاڪٽرز مبينا طور اغوا

0
247

رائونتي (ن پ ا) رائونتي جي ڪچي مان ٻن جانورن جي ڊاڪٽرن کي اغوا ڪيو ويو آهي جن جي وارثن پاران پڻ اغوا جي تصديق ڪئي وئي

ڊاڪٽر محمد اسحاق جهڪ ۽ ڊاڪٽر رفاقت حسين ڏهر رائونتي ڪچي طرف ويا هئا جيڪي هن مهل تائين ناهن موٽيا

مغوي جو مامو شهزادو جهڪ جو چوڻ آهي ته رائونتي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس چئي ٿي ته اسان جي حد ناهي

رائونتي پوليس جو موقف آهي ته مغوين جا وارث آيا هئا پر اسان جي حد ناهي،  پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد آهي جتان نوجوان ويل آهن

ھي به پڙھندا

گمبٽ مان اغوا ٿيل ناري کي گهوٽڪي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ