الله جو شان آهي جو نواز ليگ ۽ فضل الرحمان حڪومت کي ڪرپٽ چون، هن کي چئبو آهي آسمان تي ٿُڪڻ: فواد چوڌري

0
393
الله جو شان آهي

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اڳوڻي اسپيڪر ۽ ن ليگ اڳواڻ اياز صادق کي جواب ڏيندي چيو آهي ته ميان صاحب جو پئسو لنڊن ۾ ۽ سياست پاڪستان ۾ آهي

وفاقي وزير ٽويٽ ڪندي چيو ته اڪائونٽ پٽيوالن جا ۽ پٽ انگلستان ۾ آهن، اپارٽمينٽ لنڊن ۾ ۽ ڌيءَ جي نالي تي آهن

وفاقي وزير چيو ته الله جو شان آهي ته نون ليگ ۽ فضل الرحمان عمران خان جي حڪومت کي ڪرپٽ چون، هن کي چئبو آهي آسمان تي ٿُڪڻ

فواد چوڌري چيو آهي ته اهڙي مافياز جو مقابلو ڪري رهيا آهيون جو اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي بينڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي ۽ ڪورونا جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عالمي سطح تي تعريف ٿي رهي آهي ۽ هڪ اهڙي رپورٽ ايندي آهي جنهن جو نه پير آهي ۽ نه ئي سر بس پريس رليز تي هيڊ لائن لڳي ٿي وڃي

وفاقي وزير چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽر نيشنل جي رپورٽ چوي ٿي تي پاڪستان ۾ رول آف لا ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ڪنهن کي ناهي خبر ته اهو ڇو چئي رهيو آهي؟ رپورٽ ۾ مالياتي ڪرپشن جو ذڪر ئي ناهي پر پريس رليز ۾ اهڙيون ڪهاڻيون جوڙيون ويون جو ڪرپٽ اپوزيشن جي جرت ٿي وئي ته حڪومت تي تنقيد ڪري

واضح رهي ته اياز صادق ٽوئيٽ ڪندي چيو هو ته ميان صاحب جو جسم لنڊن ۾ آهي ۽ روح پاڪستان ۾ آهي، جنهن جو جواب کي فواد چوڌري ڏنو آهي

ھي به پڙھندا

لانگ مارچ 23 مارچ تي ئي ٿيندو، حڪمرانن کي مک وانگر پڪڙي ٻاهر ڪڍنداسين: مولانا فضل الرحمان