گمبٽ مان اغوا ٿيل ناري کي گهوٽڪي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
188
گمبٽ مان اغوا ٿيل

گمبٽ (ن پ ا) هڪ مهينو اڳ گمبٽ جي اکين واري اسپتال ڀر سان مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان ناري صاحبه ملاح کي گهوٽڪي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته 18 ورهين جي ناري صاحبه ملاح کي هڪ مهينو اڳ اکين واري اسپتال واري علائقي مان مبينا طور اغوا ڪيو ويو هو

پوليس موجب ڪارروائي دوران هڪ جوابدار به گرفتار ڪيو ويو آهي، ناري ۽ جوابدار کي اڄ گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد گمبٽ پوليس حوالي ڪيو ويندو