سيوهڻ ويجهو مسافر وين کي حادثو، 2 مسافر فوت، 18 زخمي

0
207
سيوهڻ ويجهو مسافر

سيوهڻ (ن پ ا) سيوھڻ ويجهو ڳوٺ آراضي وٽ انڊس هائي وي تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب مسافر وين ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پيرسن ۽ نينگر فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا

فوتي ۽ زخمين کي ايڌي ايمبولينس ذريعي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو آهي، فوتي پيرسن جي سڃاڻپ سيتاروڊ جي ڳوٺ مريد لاکير واسي 75 ورھين جي محمد عيسيٰ سولنگي ۽ صدف  ڌيءَ زڪا الله سيتا واسي طور ٿي آهي

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ مسمات افروز، سھڻي،  سوني، نرما، نسيم، غلام النبي، صائما، رشيدا، نياز حسين، احمد علي لنڊ ۽ ٻيا شامل آھن

مسافر وين سيتاروڊ کان حيدرآباد وڃي رھي ھئي اوچتو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي