لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان ٿيل ڳالهه ٻول جي آڊيو ليڪس ٿيڻ تي سينيئر وڪيل خواجا طارق رحيم ردعمل ڏنو آهي. هن چيو آهي ته سندس واٽس ايپ تي ٿيل ڳالهه ٻولهه هئي، ذاتي گفتگو جي رڪارڊنگ افسوسناڪ ۽ ڏوهه آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا طارق رحيم جو چوڻ هو ته جن وزيرن پريس ڪانفرنس ڪئي، سندن صلاحيتن بابت ڄاڻ آهي، جيڪڏهن جواب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ته اهي وزير ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهندا. هن چيو ته عطا تارڙ بيوقوف نه بڻجي، سندس ڏاڏي جون ڳالهيون ٻڌايون ته ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙو نه رهندو، جيڪڏهن قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل کي قانوني ٻولي سمجهه ۾ نٿي اچي منهنجو ڪهڙو ڏوهه. سندس چوڻ هو ته هو پروفيشنل وڪيل آهي، سندس بنيادي حق آهن، واٽس ايپ ڳالهه ٻولهه هئي، ذاتي گفتگو جي رڪارڊنگ افسوسناڪ ۽  ڏوهه آهي.