اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خواجا طارق سان پنهنجي مبينا آڊيو ليڪ کي رائيٽ ٽو پرائيويسي  جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته مون ڪهڙو پاڪستان وڪيو آهي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ثاقب نثار چيو ته خواجا طارق رحيم سان ڳالهه ٻولهه ذاتي نوعيت تي ٻڌل آهي، آڊيو ليڪ ڪرڻ رائيٽ ٽو پرائيويسي جي ڀڃڪڙي آهي. هن ڪهڙو ڪشمير کپايو يا پاڪستان جو سودو ڪيو آهي، کيس ياد ناهي ته خواجا طارق رحيم سان ڪنهن ڪيس تي ۽ ڪڏهن ڳالهيون ڪيون. اڳوڻي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته آڊيو ليڪ چوري جو مال آهي، چوري ڪرڻ ۽ مال کپائڻ لعنتي ماڻهن جو ڪم آهي.