اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ پنجاب جي اڳوڻو گورنر خواجا طارق رحيم جي هڪ ٻي مبينا آڊيو ليڪ منظر عام تي اچي وئي. سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر خواجا طارق رحيم جي هڪ ٻي مبينا آڊيو سامهون اچي وئي آهي. ميڊيا آڊيو ۾ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار، خواجا طارق رحيم کي چئي رهيو آهي ته خواجا صاحب هڪ ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن تي خواجا طارق رحيم جواب ڏيندي چيو ته جي ٻڌايو. اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته هڪ ججمينٽ ضرور ڏسي وٺجو، اها ست رڪني بئنچ جي ججمينٽ آهي، ان تي خواجا طارق کائنس سوال ڪندي چيو ته ڪيترن ميمبرن جي ججمينٽ آهي؟. جنهن تي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جي اهو پاڻمرادو نوٽيس آهي، پاڻمرادو نوٽيس نمبر 4،  2010ع جو آهي، سائين اها ست رڪني بئنچ جي ججمينٽ 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ جي پيج نمبر 553 تي رپورٽيڊ آهي، جنهن تي خواجا طارق چيو ته ٺيڪ آهي، مان ڏسي وٺندس، ان تي ثاقب نثار چيو ته جيڪو به اوهان جو وڪيل آهي کيس چئو ته ان کي ٿورو ڏسي وٺي، ان ۾ اِهو لکيل آهي ته جيڪڏهن، خير ان ڳالهه کي ڇڏيو،  جڏهن پڙهندئو ته اوهان کي سڄي خبر پئجي ويندي. پنجاب جي اڳوڻي گورنر خواجا طارق رحيم چيو ته هو پڙهي وٺندو، ست رڪني بئنچ واري ججمينٽ به ڏسي ورتي آهي، ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيستائين ايڪٽ نٿو ٺهي، اها جيڪڏهن اوهان غور سان پڙهندئو ته ڪلاز ٿري ۾ آهي. جنهن تي ثاقب نثار جواب ڏنو ته جي جي، ان تي خواجا طارق چيو ته ان ۾ هنن رستو پڻ ڏنو آهي، اِهو ڏسي وٺجانءِ. جسٽس ثاقب نثار چيو ته جي جي، جي سر هن ڏٺو آهي اها سندن پاس وي آئوٽ آهي، جنهن تي خواجا طارق چيو ته اِها وي آئوٽ آهي. ثاقب نثار چيو ته وي آئوٽ آهي، ٻي صورت ۾ ڪيس ئي نٿو ٺهي، ان تي خواجا طارق چيو ته هائو، بلڪل صحيح آهي، مان اِهو پڻ ڏسي وٺندس. اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو کان پوءِ ته ڪير… ان تي خواجا طارق چيو ته اسان رڳو ٽن رڪني بئنچ جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ان ۾ وڌيڪ اڌ ڪلاڪ لڳي سگهي ٿو، ان کانپوءِ توهينِ عدالت ڪيس فائل ڪنداسين. خواجا طارق جي جواب ۾ ثاقب نثار چيو ته ٺيڪ آهي، مهرباني سر مهرباني. ياد رهي ته ان کان اڳ به اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو سامهو آئي هئي، مبينا آڊيو ۾ ثاقب نثار پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل خواجا طارق رحيم سان ڳالهيون ڪري رهيو هو.