اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) وفاقي بجيٽ ۾ دڪاندارن تي ٽيڪس لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، ناڻي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آءِ ايم ايف جي شرط تحت ٽيڪس تجويزن جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 20 لک دڪاندارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو، آءِ ايم ايف شرط تحت دڪاندارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ اسپيشل اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي جنهن تي دڪاندارن لاءِ بجلي جي بلن تي ٽيڪس لڳايو ويندو، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون دڪاندارن کان ٽيڪس اوڳاڙينديون، اسڪيم سالياني هڪ ڪروڙ رپيا آمدني وارن دڪاندارن ۽ سروس فراهم ڪندڙن تي لاڳو هوندي، بجلي ڪمپنيون ٽيڪس اوڳاڙي ايف بي آر کي منتقل ڪنديون. واضح رهي ته گذريل سال اڳوڻي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل اهو ٽيڪس لاڳو ڪيو هو پر واپارين جي احتجاج بعد پارٽي قيادت جي هدايت تي ٽيڪس واپس ورتو ويو هو.