ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي علائقي خضدار ۽ ان جي آس پاس ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 3.7 هئي ۽ ان جي گهرائي 20 ڪلوميٽر هئي. زلزلي مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز خضدار کان 35 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو. هن وقت تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.