ملير (رپورٽ: ناز شر )  ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ملير ايڪسپريس وي کي ماحوليات لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي سنڌ حڪومت کي فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس پاران جوڙيل ليگل ڪاميٽي جي ايڊووڪيٽ عبيرا اشفاق متاثر زميندارن، ڳوٺاڻن ۽ ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم طرفان ملير ايڪسپريس وي جي تعمير لاءَ فنڊ ڏيندڙ ايشن ڊولپمينٽ بينڪ (  ADB ) وٽ ڪيس فائل ڪيو هو، جنهن تي پٽيشنرن سائين اسلم، عظيم دهقان ۽ ٻين متاثرين جا وڊيو لنڪ ذريعي بيان ورتا ويا. اهڙن بيانن، ماحولياتي تنظيم ۽ انڊيجينئس رائٽس الائنس جي ليگل ڪاميٽي جي داخل ڪيل ڪيس جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ملير ايڪسپريس وي جي ميگا منصوبي کي ماحوليات، گرين بيلٽ ۽ ڳوٺاڻن لاء تباهي جو منصوبو قرار ڏئي سنڌ حڪومت کي فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اي ڊي بي پاران انڊيجينئس رائٽس الائنس جي ليگل ڪاميٽي جي ايڊوڪيٽ عبيرا اشفاق کي اي ميل ذريعي اهڙو اطلاع پڻ ڏنو ويو آهي. واضح  رهي ته  ملير ايڪسپريس وي ڊفينس ڪراچي کان ڊي ايچ اي سٽي ڪاٺوڙ تائين ملير ندي ڀرسان تعمير ڪيو پيو وڃي. انڊيجينئس رائٽس الانئس مقامي آبادگارن، ڳوٺاڻن ۽ ماحولياتي تنظيمن رٿا کي ملير لاءَ نقصانڪار قرار ڏئي سخت احتجاج ڪيو هو،  ڳوٺاڻن سنڌ ماحولياتي ٽربيونل ۾ انهي رٿا کي چيلنج ڪيو پر ٽربيونل ڳوٺاڻن خلاف فيصلو ڏنو، ٻئي طرف الائنس اڳواڻ خدا ڏنو شاهه چيو آهي ته اي بي ڊي جي ملير ايڪسپريس وي خلاف ڏنل فيصلي سان بحريا ٽائون ۽ ڊي ايچ اي سٽي  رٿائن کي به وڏو جهٽڪو ايندو