دوڙ (ن پ ا) دوڙ شهر ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان صفائي نه ٿيڻ ڪري بازارن، روڊ رستن، ڪالونين ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا. گندگيءَ سبب هر طرف بدبوءِ ڦلجي وئي، بيماريون پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو. ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي تعلقي دوڙ جي صدر علي بخش لغاري، ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، جسقم اڳواڻ بادل بروهي، امان الله سنڌي، سعيد خاصخيلي ۽ ٻين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته دوڙ شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري بازارن روڊن رستن توڙي مختلف ڪالونين ۾ هر طرف گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن جنهن جي ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته دوڙ شهر ۾ صفائي جو نظام بهتر بڻائي شهرين کي بيمارين کان بچايو وڃي ۽ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.