اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ۾ سالن کان صفائي عملو مقرر نه ٿي سگهيو آهي، صفائي عملو مقرر نه ٿيڻ سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن سبب مک بازار سميت مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، جڏهن ته ڪنو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، ان حوالي سان شهرين دانيهندي چيو ته صفائي نه ٿيڻ سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن پر شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، گندگي سبب بيماريون پکڙجي رهيون آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي.