حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد مان هر قسم جون حد دخليون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اعليٰ عدالتن جي حڪمن تي عمل ڪندي شهر مان هر قسم جي حددخلين جو خاتمو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بجلي جا جيڪي ٿنڀا ٽريفڪ جي آمد و رفت کي متاثر ڪن ٿا اهي ٿنڀا هٽائي مناسب جاين تي لڳايا ويندا. اجلاس ۾ ميمبر آف سنڌ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي رفيق شيخ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، چيف انجينئر حيسڪو زاهد مغل، ميونسپل ڪمشنر حيدرآباد زاهد حسين خواجا، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو حيدرآباد قائم اڪبر نمائي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ڊويزنل ڪمشنر چيو ته جن روڊن تي بجلي جا ٿنڀا موجود آهن انهن کي روڊ سيفٽي هيزرڊ تحت فوري طور تي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.