مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند ۾ نابين ناري (ش) صحافين اڳيان لڙڪ لاڙيندي دانهيندي چيو ته ٻه ھفتا اڳ مون سان سجاد خاصخيلي زيادتي جي ڪوشش ڪئي جنھن جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ دريا خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس ٿاڻي تي وياسين پر پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو جنھن بعد اسان سخت احتجاج ڪيو جنھن کان پوءِ پوليس ڪيس داخل ڪيو پر ڪيس داخل ھئڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي ۽ ابتو منھنجي ٻن ڀائرن حقدار علي، وقار ۽ ھڪ سئوٽ تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. هن وس وارن کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف جو فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.