دوداپور (ن پ ا) دوداپور ويجهو ڳوٺ سهڻو لُهر ۾ جوابدار مبينا ڪارنهن الزام ۾ ڏنڊا هڻي پنهنجي زال کي ماري ڇڏيو، دوداپور ٿاڻي جي ڳوٺ سهڻو لهر ۾ منير لُهر ڏنڊا هڻي پنهنجي گهرواري زينهور خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،گل حسن لهر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته جوابدار ڄاٽو نشئي هو ۽ نشي جو استعمال ڪندو ھو، پئسا گهرڻ تي هن پنهنجي زال کي ڏنڊا هڻي قتل ڪيو، کيس گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻ ملي آهي ته عورت کي ڪارنهن معاملي تان قتل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي